سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع، مختلف شهرن ۾ ڪاپي جي ڌم، بجلي بند

ڪراچي: سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص تعليمي بورڊز طرفان مئٽرڪ جا امتحان شروع، پهرين ڏينهن ئي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي سوشل ميڊيا تي وائرل، امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپي جي ڌم، بجلي بند هئڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏکيائيون پيش آيون

ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڪنري، ڍورو نارو ۽ نئون ڪوٽ ۾ ڌاڙا ڌڙ ڪاپي رهي، ميرپورخاص ضلعي جي مختلف امتحاني  سينٽرن تي بجلي بند هجڻ ۽ گرمي سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون سخت پريشان رهيا

نوابشاهه، قاضي احمد، مورو، دوڙ، سانگهڙ ۽ پيرونمل ۾ به قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود امتحاني مرڪزن ۾ڪاپي ٿيندي رهي، سکر  ۾ نائين  جماعت جو انگريزي وارو پيپر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو

گهوٽڪي، اوٻاوڙو، خيرپور ۽ فيض گنج جي امتحاني مرڪزن ۾به ڪاپي جي ڌم، لاڙڪاڻو، رتوديرو، نئون ديرو، سجاول جوڻيجو، شهدادڪوٽ، قمبر ۽ نصيرآباد  ۾ ڪاپي جي ڌم، ڪيتيرن ئي شاگردن وٽان موبائل فونز هٿ

copying is being done in different citiesMatric examination has started in Sindh