پرڏيهي فوج کي بيس ڏيڻ واري ڳالهه بي بنياد قرار

اسلام آباد: پاڪستان پرڏيهي فوج کي بيس ڏيڻ واري ڳالهه کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته سندن ڪنهن به ملڪ خلاف پرڏيهي قوتن کي بيس ڏيڻ جو ڪو به ارادو ناهي، سوشل ميڊيا تي اهڙيون ڳالهيون بي بنياد آهن،هن چيو ته تازو آمريڪي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي دوررس معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو، پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت ۽ غير قانوني آبادين جي مذمت ڪري ٿو، سلامتي ڪائونسل کي فوري طور تي غزه جو گهيرو هٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن،پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گمبيا ۾ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي گمبيا وڃڻو هو، مصروفيتن سبب پلان تبديل ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ ڪشمير ۽ ڪشمير جو معاملو اٿاريو ويو. غزه ۾ ظلم ختم ڪيو ويندو،ڀارت بابت ڳالهائيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته اهڙين ڪارروائين کان پاسو ڪري جن سان ايل او سي تي امن خراب ٿئي، ڀارت تي زور ڀريو ته اشتعال انگيز قدمن کان پاسو ڪيو وڃي.هن چيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن تي قبضي جي مذمت ڪن ٿا، پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو جنهن کانپوءِ جواب ڏيندو.ان کانسواءِ شهزاد اڪبر جي الزامن کي رد ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شهرين کي نشانو بڻائڻ اسان جي پاليسي ناهي، شهزاد اڪبر جا الزام بي بنياد ۽ سياسي آهن.