اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري آصف حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، عمر حميد ٻيهر سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري سيد آصف حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن عمر حيدر کي ٻيهر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن سيد آصف حسين جي استعيفيٰ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

ياد رهي ته عمر حيدر طبيعت خراب هجڻ جي آڌار تي 5 جنوري تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. جيڪا 18 جنوري تي منظور ڪئي وئي هئي.

عمر حميد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ان کان علاوه  ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته عمر حميد کي اڳوڻي رڪارڊ جي آڌار تي ٻيهر اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

Election Commission Secretary Asif Hussain has resigned