فلم دنگل جي شوٽنگ دوران نمستي جي طاقت جو احساس ٿيو، عامر خان

ممبئي : بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چيو آهي ته 2016ع ۾ پنجاب ۾ فلم دنگل جي شوٽنگ دوران مون کي نمستا جي طاقت جو احساس ٿيو.بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي عامر خان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر دوران پيش ايندڙ واقعن بابت ڳالهايو.عامر خان جو چوڻ هو ته هو جڏهن فلم ”رنگ دي بسنتي“ جي شوٽنگ لاءِ پنجاب ويو هو ته اتي جي ماڻهن طرفان کيس تمام گهڻو پيار مليو، هو محبتن سان ڀرپور آهن.بالي ووڊ اداڪار جو چوڻ آهي ته دنگل جي شوٽنگ پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي، جتي صبح ٿيندي ئي ماڻهو پنهنجن گهرن ٻاهران هٿ ٻڌي سلام ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا ۽ رات جو گڊ نائيٽ چوندا هئا.هن چيو ته اتي جي ماڻهن مون کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيو ۽ ڪڏهن به منهنجي ڪار جي سامهون نه بيٺا، پري کان ئي هٿ ملايو، مان انهن ماڻهن جي اهڙي عادت کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان.عامر خان چيو ته منهنجو تعلق هڪ مسلمان خاندان سان آهي ان ڪري هٿ ملائڻ ۽ نمستا چوڻ جي عادت نه هئي، مان هٿ مٿي کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ جي عادت آهيان، جنهن طرح مسلمان هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.هن جو چوڻ آهي ته ”دنگل“ جي شوٽنگ دوران اڍائي مهينا پنجاب جي هن ڳوٺ ۾ رهڻ بعد مون کي نمستا جي طاقت جو احساس ٿيو.