سياست ڇڏي ڏني آهي، پي ٽي آءِ ۾ واپسي جي حوالي سان ڪجهه نٿي چئي سگهان: شيرين مزاري

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته شريف ۽ زرداري خاندان بادشاهي چاهين ٿا، پي ٽي آءِ ۾ واپس وڃڻ جي حوالي سان هن وقت مان ڪجهه به نٿي چئي سگهان.

دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيرين مزاري چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو بادشاهي چاهين ٿا.

هن چيو ته اسان روز دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪيس ڀوڳيندا آهيون، لڳي ٿو ته صرف پي ٽي آءِ وارا دهشتگرد آهن ٻيو ڪير به نه آهي. موجوده حڪومت جي ڪنهن به قسم جي ڪارڪردگي نه آهي.

صحافي طرفان پڇيل سوال تي ته اوهان پي ٽي آءِ ۾ واپس وڃي رهيون آهيو يا نه؟ جنهن تي شيرين مزاري جواب ڏنو ته  هن وقت ڪجهه نٿي چئي سگهان في الحال مان سياست ڇڏي ڏني آهي.

Has left politics