نيب ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، شاهد خاقان سميت سمورا جوابدار بري

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) شاهد خاقان عباسي جي خلاف ايل اين جي نيب ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت کين ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب اظهر مقبول عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته شاهد خاقان جا وڪيل به عدالت ۾ موجود هئا.

ان دوران نيب طرفان درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ نيب شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي خلاف ايل اين جي ريفرنس واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت نيب طرفان ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي شاهد خاقان سميت سمورن جوابدارن کي ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو.

عدالت طرفان فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ اڳوڻو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل ۽ عبدالله خاقان به ريفرنس مان بري ٿي ويا.

ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي تي ايل اين جي نيب ريفرنس ڪجهه سال اڳ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم تي 16 نومبر 2020 تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي.

NAB withdraws LNG reference