يوم تڪبير: پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجندي ٻاويهه سال گذري ويا

اسلام آباد: پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجندي 22 سال مڪمل ٿي ويا ۽ ان حوالي سان اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير ملهايو پيو وڃي.يوم تڪبير هر سال 28 مئي تي ملهايو ويندو آهي ۽ هي اهو يادگار ڏهاڙو آهي جڏهن پاڪستان دنيا جي سامهون پهرين اسلامي ايٽمي طاقت بڻجي اڳيان آيو هو.ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور حڪومت ۾ پاڪستان 28 مئي 1998ع تي بلوچستان جي علائقي چاغي جي مقام تي 5 ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا جنهن کان پوءِ هن ڏينهن کي يوم تڪبير جي نالي سان ياد رکيو ويندو آهي.