انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي، مختلف ملڪن ۾ سروس سست

اسلام آباد: سنگاپور کان پاڪستان ۽ يورپ کي ملائيندڙ فائبر آپٽيڪل انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سروس سست ٿي وئي.خابرو اداري موجب سنگاپور کان پاڪستان ۽ يورپ کي ملائيندڙ فائبر آپٽيڪل ڪيبل انڊونيشيا ويجهو ڪٽجي وئي آهي.آپٽيڪل فائبر ميرين ڪيبل تي پنج ڪٽ لڳا آهن، جنهن ڪري ملڪ ۾ انٽرنيٽ واهپيدارن کي سروس جي استعمال ۾ مشڪلاتون آهن.فائبر ڪيبل ڪٽجڻ سان پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل ۽ ٽرانس ورلڊ جي ٽريفڪ متاثر ٿي رهي آهي.پاڪستاني واهپيدارن شام جي وقت انٽرنيٽ سرچ برائوزر ۽ سرچ ڪرڻ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون.

Internet cable problem