پاڪستان لاءِ تيار ڪيل چين جي پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جو افتتاح

بيجنگ: پاڪستان لاءِ تيار ڪيل پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جي لانچنگ تقريب چين ۾ ٿي.پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چين جي ووچانگ شپ بلڊنگ انڊسٽري گروپ ڪمپني لميٽيڊ جي شوانگليو بيس تي منعقد تقريب جو مهمان خاص هو.پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب اهو منصوبو پاڪ چين دوستي ۾ هڪ نئون رخ اختيار ڪندو، حڪومت چيني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران 8 هنگور ڪلاس آبدوزون حاصل ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب معاهدي تحت 4 آبدوزون چين ۾ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ٻيون 4 آبدوزون ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس لميٽيڊ ۾ ٺاهيون وينديون، اهي آبدوزون جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هونديون.