ڪراچي:سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي وزيراعليٰ هائوس ٻاهر روڊ تان رڪاوٽون هٽايون ويون

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران روڊ تان رڪاوٽن کي هٽايو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ نجي ۽ سرڪاري عمارتن جي ٻاهران فٽ پاٿن تان به رڪاوٽون ۽ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 ڏينهن ۾ سموريون حددخليون ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ شهر ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن ۾ عدالت رينجرز هيڊ ڪوارٽر، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

  • شيئر

Karachi: On the order of the Supreme Court