وزيراعظم پاران هارين جي شڪايت جو نوٽيس،ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف ڪڻڪ بابت هارين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 1.4 لک ٽن مان وڌائي 1.8 لک ميٽرڪ ٽن ڪري ڇڏيو ۽ پاسڪو کي حڪم جاري ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جو هدف وڌائي فوري خريداري کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف پاسڪو کي ڪڻڪ جي خريداري ۾ شفافيت ۽ هارين جي سهولت کي اوليت ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.

Complaints of farmers are noticed by the Prime Minister