وفاق 4 سالن کان سنڌ کي نون ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊ نٿو ڏئي، مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي شڪايت ڪئي. وزاعليٰ هائوس ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، خالد مقبول، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال ۽ عطاءُ الله تارڙ وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي  ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي ڪابينا ۾ به سنڌ کي وڌيڪ نمائندگي آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال ۽ قيصر شيخ ڪراچي ۾ رهن ٿا، خالد مقبول جو تعلق ڪراچي سان آهي، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. ترجيحي بنيادن تي ڪيو ويندو.مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم وڏا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.سنڌ جي وڏي وزير بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ تباهي مچائي هئي، ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ تعميراتي مرحلي جي شروعات ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته 70 سيڪڙو فنڊ ڊونر ايجنسيون فراهم ڪنديون، جڏهن ته 30 سيڪڙو امدادي ادارا. فنڊنگ وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ڪنديون، امدادي ادارن 557.79 بلين رپيا ڏنا، ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو منصوبو 500 ملين ڊالرز جو منصوبو آهي، اسڪولن جي تعمير جو منصوبو 11 هزار 917 ملين رپيا آهي.مراد علي شاهه وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت 25 ارب رپيا جاري ڪيا، وفاق فنڊز فراهم نه ڪيا جڏهن ته وفاق گذريل 4 سالن کان نئين اسڪيمن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو.ڪراچي پهچڻ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وزيراعظم جو استقبال ڪيو، وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، خالد مقبول صديقي ۽ عطا تارڙ به ڪراچي پهتا.وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهباز شريف جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.ڪراچي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف پهريون ڀيرو مزار قائد تي حاضري ڀري، جتي هن گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ھوڏانھن وزيراعظم مزار قائد تي حاضري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس پهچي ويو، ترجمان وڏي وزير موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وزيراعظم پاڪستان سان ون ٽو ون ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم سان سڌي ريت ڪٽوتين کانپوءِ فنڊن جي واپسي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي،وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ وزيراعظم چيو تھ گڏجي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، وزيراعظم ڪراچي ۾ واپاري برادري ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان به ملاقات ڪندو، شهباز شريف ڪراچي ۾ واپاري برادري کان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ تجويزون پڻ وٺندو، وزيراعظم سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

The federal government does not provide funds for new development projects to Sindh for 4 years