آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو بل منظور

واشنگٽن: آمريڪي ايوان نمائندگان يعني ڪانگريس چيني حڪومت سان آمريڪي صارفين جي ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي چيني سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز ڇنڇر ڏينهن هڪ بل پاس ڪيو جنهن موجب آمريڪا ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن تي پابندي لڳائي ويندي جيڪڏهن ٽڪ ٽاڪ جي چين ۾ موجود مالڪ هڪ سال اندر ان جا شيئر وڪرو نه ڪيا ته ان تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. ايندڙ هفتي هي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد صدر جو بائيڊن ان تي صحيح ڪندو ته قانون لاڳو ٿي ويندو. ٽڪ ٽاڪ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسين آمريڪا کي ڊيٽا شيئر نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر پنهنجي شهرين جي حق تي پابندي هڻن پيا. ياد رهي دنيا ۾ سڍا پنج ڪروڙ ٽڪ ٽاڪ صارف آهن جن مان هڪ ڪروڙ 30 لک آمريڪي آهن.