ملڪ ۾ سون اڄ به سوين رپيا مهانگو

ڪراچي: سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 1500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 52 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1286 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 16 هزار 221 رپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 11 ڊالر چاڙهه بعد 2391 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.