سنڌ ۾ قهر جي گرمي، بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي: سنڌ ۾ قهر جي گرمي ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ سخت گرمي، سانگهڙ ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين چڙهي ويو، برف ۽ ٿڌين شين جي کپت ۾ واڌ، ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون گهلڻ سبب گرمي جو زور گهٽجي ويو، جاتي ۾ مٽي جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.