ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪري تباهه

ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان پي آءِ اي جو جهاز ماڊل ڪالوني جي جناح گارڊن ۾ رهائشي عمارتن جي مٿان ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 90 کان وڌي مسافر اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ سول ايويئيشن اختيارين ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، پاڪ فوج، رينجرز، فائر برگيڊ ۽ ٻين ادارن جي ٽيمن علائقي کي سيل ڪري ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.واقعي واري هنڌ تان لاش ۽ ڪيترائي زخمي ماڻهو اسپتال ڏانهن منتقل ڪيا ويا، سي اي اي اختيارين موجب جهاز لاهور کان ڪراچي پهتو ته فني خرابي ٿيڻ سبب جناح گارڊ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 7 گهرن کي به نقصان پهتو.سول ايويئيشن اختيارين موجب پي ڪي 8303 جهاز جو لينڊگ کان هڪ منٽ اڳ ايئرڪرافٽ سان رابطو ڪٽجي ويو، جهاز 2 وڳي 37 منٽن تي ڪري تباهه ٿيو .سول ايوي ايشن اٿارتي موجب جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي جهن جي ڪري لينڊنگ کان پهريان جهاز جا ٽائر نه کلي رهيا جنهن ڪري اڏام کي رائونڊ اپ جو چيو ويو ان دوران ڪري تباهه ٿي ويو.سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب حادثي جو شڪار جهاز ۾ 90 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جن ۾ 85 اڪانومي ڪلاس ۾، 6 بزنس ڪلاس جڏهن ته ڪجهه عملي جا ماڻهو شامل هئا. جن مان 51 مرد، 31 عورتون ۽ 9 ٻار به شامل آهن. جهاز ۾ سينيئر صحافي ۽ 24 چينل نيوز جو پروگرامنگ ڊائريڪٽر انصار نقوي به سوار هو .ذريعن موجب جهاز جي ڪپتان جو نالو سجاد گل آهي، جڏهن ته عملي ۾ عثمان اعظم، فريد احمد، عبدالقيوم اشرف، ملڪ عرفان رفيق ۽ مديحه ارم شامل آهن.پي آءِ اي ميڊيڪل يونٽ جي ڊاڪٽر مظهر چيو ته حادثي کان 15 منٽ اڳ پائلٽ جهاز ۾ خرقبي بابت آگاھ ڪيو، ان واقت جهاز ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو هو.جهاز جي پائليٽ ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور وچ ۾ آخري رابطي جي آڊيو رڪارڊنگ به سامهون اچي وئي آهي ، جنهن ۾ جهاز جي پائليٽ هڪ انجڻ فيل هجڻ جو اطلاع ڏنو ۽ ”مي ڊي مي ڊي” جي ڪال ڏني هئي، جنهن تي پائيلٽ کي ٻڌايو ويو ته جهاز جي لينڊنگ لاءِ ٻه رن وي موجود آهن جنهن بعد جهاز جو رابطو ڪٽجي ويو ،جهاز ماڊل ڪالوني ويجهو جناح گارڊ وٽ آبادي تي جئين ئي ڪريو ته خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٽيليفون جون تارون به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون.شهرين جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ رهائشي عمارتن جي ڇتن سان ٽڪرائجي ويو جنهن سان ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو، گهرن جي ڇتن ۽ هيٺ بيٺل گاڏين کي به باهه لڳي وئي.جهاز حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي.صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جهاز حادثي بعد ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪندي چيو ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي .ڊي جي رينجز سنڌ ميجز جنرل عمر احمد بخاري جهاز حادثي جو هوائي دورو ڪيو