امدادي ڪارڪن جو موت،يو اي اي پاران اسرائيل سان رابطا ختم

غزه: غزه ۾ هڪ غير ملڪي خيراتي اداري جي 7 ڪارڪنن جي قتل کانپوءِ گڏيل عرب امارات اسرائيل سان سمورا سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن.عرب ميڊيا موجب اسرائيل ۾ اماراتي سفير محمد الخواجه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جو موت ڪارو ڏينهن آهي.سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ اردن جي بادشاهه عبدالله وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سعودي عرب ۽ اردن جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته فلسطين جي مسئلي جو سياسي حل ٻن رياستي حل جي بنياد تي ڳولڻ جي ضرورت آهي.

Aid worker dies