غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي بند نه ٿي، وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد

غزه: غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جاري رهي، 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد ۽ 83 زخمي ٿي پيا، صحت واري وزارت موجب گذريل سال آڪٽوبرکان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 32 هزار 975 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 75 هزار 577 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري ۾ ڇاپو هڻي 3 فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن غزه ۾ الشفا ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر فوري طور تي هڪ فيلڊ اسپتال جي قيام جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته الشفا اسپتال هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي، ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان وٽ زخمين کي بچائڻ لاءِ ڪو به ذريعو ناهي گڏيل قومون جاچ ڪن.

Israeli terrorism in Gaza does not stop