چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججن کي به ڌمڪين وارا خط ملي ويا

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي به ڌمڪي وارو خط مليو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس کان علاوه سپريم ڪورٽ جي 3 ججن کي به ڌمڪي وارا خط مليا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس اطهر من الله، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس امين الدين کي ڌمڪي وارا خط مليا آهن.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ پهرين اپريل تي چار خط مليا هئا، چئن خطن ۾ پائوڊر مليا هئا ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ انگ اکر ٺاهيا ويا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪيا ويا آهن.