پاڪستان ۾ ڪورونا وڌيڪ 32شهرين کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي:پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 32شهرين کان حياتيون کسي ورتيون، 2هزار 193نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 48هزار 91ٿي ويو، سنڌ ۾ 18هزار 964، پنجاب ۾ 17هزار 382، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 815، بلوچستان ۾ 2 هزار 968، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 235، گلگت بلتستان ۾ 579۽ آزاد ڪشمير ۾ 148شهري وائرس ۾ وٺجي ويا، ملڪ ۾ هن وقت تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ هزار 17ٿي ويو، 14هزار کان وڌيڪ شهري وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.