شام ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيل جو حملو 8 شهيد

دمشق: اسرائيلي فوج شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي ميزائيل حملو ڪيو آهي جنهن ۾ ايراني انقلابي گارڊز جي اهم ڪمانڊر رضا زاهدي سميت 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.اسرائيلي جنگي جهاز والاريل گولان هائيٽس مان ميزائيل فائر ڪيا. شام جي دفاع واري وزارت ڪجهه ميزائيل هوا ۾ ئي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حملي ۾ سفارتخاني سان گڏ واري عمارت ملبي جو ڍير بڻجي وئي آهي. حملي ۾ سيران جو سفير ۽ سندس خاندان محفوظ آهي. جڏهن ته پاسدارن انقلاب جي القسم برگيڊ جوهڪ ڪمانڊر رضا زاهدي ۽ 7 ٻيا مارجي ويا آهن جن ۾ سفارتي عملي جا ميمبر به شامل آهن.