مڇي کائڻ سان ڪينسر ۽ شگر کان بچي سگهجي ٿو

ڪراچي: ڪينسر ۽ ٽائپ 2 ڊائبيٽڪ يعني شگر جهڙين خطرناڪ بيمارين کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ مڇي کائڻ جي پااڻ ۾ عادت وجهو. برطانيه جي يونيورسٽي آف ايسٽ اينگليا East Anglia جي هڪ اسٽڊي مان معلوم ٿيو آهي ته وڌيڪ مڇي کائڻ سان ماڻهن کي صحتمند رهڻ ۾ مدد ملي ٿي. مڇي پروٽين جو هڪ سٺو ذريعو آهي، جيڪو صحتمند وزن برقرار رکڻ، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اسٽڊي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هفتي ۾ 2 ڀيرا مڇي کائڻ سان ٽائيپ ٽو شگر جو مرض لاحق ٿيڻ جو 15 سيڪڙو خطرو گهٽجي وڃي ٿو ۽ ڪينسر جو خطرو 42 سيڪڙو گهٽ ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڊائيٽ پلان اهڙو ٺاهيو جنهن ۾ اوهان وڌ ۾ وڌ مڇي کائي سگهو.