ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان

ڪراچي: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿي رهيا آهيون. نگران حڪومت به معيشت جي بحاليءَ لاءِ بهتر ڪم ڪيا، 14 ۽ 15 اپريل تي ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف سان گڏجاڻيون ٿينديون.

هن چيو ته جيڪي ادارا خساري ۾ آهن انهن کي نجڪاري ڏانهن کڻي وينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن تي ڪم جاري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي.

محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي ۾ واڌ جي شرح 5 سيڪڙو رهي، چانورن جو بمپر فصل ٿيو آهي، ڪڻڪ جي پيداوار بابت به سٺي خبر آهي.

هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو بهتر آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اهي سموريون ڪاميابيون وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل دور واري ايس بي اي معاهدي جو نتيجو آهن.

محمد اورنگزيب چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ تي جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، جون کان اڳ آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا.