شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جيڪا پنهنجي سخت بيانن ۽ تنقيد سبب خبرن ۾ رهندي آهي، چيو آهي ته شاهه رخ خان ۽ مان آخري نسل جا ستارا آهيون.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا پنهنجي ايندڙ نئين فلم ”ايمرجنسي“ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به اداڪار جي ڪيريئر ۾ رڳو هٽ فلمون ناهن.شاهه رخ خان جون فلمون 10 سالن تائين نه هليون ۽ پوءِ ’پٺاڻ‘ هِٽ ٿي.هن چيو ته منهنجيون فلمون ست اٺ سال نه هليون، پر پوءِ ’راڻي‘ ڌيان ڇڪايو ۽ پوءِ ٻيون سٺيون فلمون آيون، پوءِ ٽن چئن سالن کانپوءِ منهنجي فلم ’مانيڪارنيڪا‘ به وڏي اسڪرين تي ڏيکاري.