عالمي برادري غزه بابت قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد : وزير اعظم شهباز شريف غزه ۾ جنگ بندي بابت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد خوش آئند آهي، عالمي برادري غزه بابت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي.وزيراعظم چيو ته غزه ۾ نه فلسطينين تي جاري صهيوني ظلم ۽ جبر کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي، اسرائيل جي وحشیانه حملن ۾ هن وقت تائين هزارين عورتون ۽ ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپن تي دانستہ بمباري انتهائي مذمت جوڳي آهي، پاڪستان جون 1967ع کان اڳ واري سرحدن سان فلسطيني رياست جي حمايت جاري رکندو.