گيس جي قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي، فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان

لاهور: گيس مهانگي ٿيندي يا نه، مهانگي ٿيندي ته ڪيتري ٿيندي فيصلو اڄ ٿيندو. سوئي گئس ڪمپني هڪ ئي سال ۾ ٽيون ڀيرو گيس جي قيمت ۾ وڏو اضافو گهري ورتو آهي جنهن تي اوگرا اڄ لاهور ۾ ٻڌڻي ڪندو.

اوگرا موجب سوئي نادرن ڪمپني 4489 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو قيمت تجويز ڪئي آهي. ذريعن موجب گيس جي قيمت وڌڻ سان بلن ۾ 155 سيڪڙو اضافو ٿيندو. ان کان اڳ هڪ سال ۾ 500 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي پر ان جي  باوجود ڪمپني پنهنجو خسارو گهٽ نه ڪري سگهي آهي

اڄوڪي ٻڌڻي دوران گهريلو صنعتي سيڪٽر گيس نه وڌائڻ تي دليل ڏيندا. ماضي ۾ ڪڏهن به اسٽيڪ هولڊرز جي نه ٻڌي وئي پر هميشه ڪمپني جي چوڻ تي قيمت ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ۽ اوگرا جي ٻڌڻي صرف قانوني ڪارروائي پوري ڪرڻ جو ذريعو آهي.

ياد رهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پهرين جولاءِ کان هر صورت ۾ گيس جي قيمت وڌائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

How much gas prices will increase