ناڻي واري وزارت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي موجوده ۽ ترقياتي بجيٽ جو تعين ڪرڻ لاءِ ترجيحي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، ترجيحي ڪميٽي جي صدارت ناڻي واري وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري ڪندو.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته ترجيحي ڪميٽي جا اجلاس 30 مارچ تائين جاري رهندا، ڪميٽي ايندڙ مالي سال جي وفاقي موجوده ۽ ترقياتي بجيٽ جو اندازو لڳائيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي هلندڙ مالي سال جي وفاقي وزارتن جي موجوده ۽ ترقياتي بجيٽ جو به جائزو وٺندي، ڪميٽي ايندڙ مالي سال جي گرانٽس ۽ سبسڊيز جي ضرورتن جو به جائزو وٺندي.ذريعن موجب ڪميٽي وفاقي وزارتن ۽ کاتن جي پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ بجيٽ تخمينو تيار ڪندي، ڪميٽي ترقياتي بجيٽ حڪومتي ترجيحن موجب مختص ڪرڻ لاءِ سفارشون تيار ڪندي.