پاڪستان افغان شهري آبادي کي نشانو بنائڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: پاڪستان چيو آهي ته افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا دهشتگردن جي موجودگي بابت ثبوت ڏنا ويا آهن.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هفتي افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ جي خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي ۾ افغانستان جي شهري آبادي کي نشانو ناهي بنايو ويو. افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا دهشتگردن جي موجودگي جا ثبوت ڏنا. پنهنجي زمين تي دهشتگرد ڪاررواين کي برداشت نه ڪنداسين.

ترجمان وڌيڪ چيو ته 19 مارچ تي ڳجهي اطلاعات تي ٽي ٽي پي ۽ گل بهادر گروپ جي خلاف آپريشن ڪيو  ويو. تازي اطلاعن موجب افغان سرحد پرامن آهي. پاڪستان افغانستان سان گڏيل طور تي سرحدي ۽ ٻيا معاملا حل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪريون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسپتالن تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. معصوم ٻارن کي نشانو بنائڻ مذمت جوڳو عمل آهي بي گناهه ماڻهن، شهري آبادي کي نشانو بنائڻ جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي لاڳو ڪري چڪو آهي. والاريل ڪشمير ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. ڪشميرين کي پنهنجا جائز حق ملڻ گهرجن. مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو