عمران خان سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني عمران خان سينٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽن موجب خيبرپختونخواهه مان جنرل سيٽن لاءِ مراد سعيد، فيصل جاويد، مرزا محمد آفريدي ۽ عفان سليم، خرم ذيشان ۽ اظهر مشواني اميدوار هوندا. اعظم سواتي ۽ ارشاد حسين ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا.

عورتن جي سيٽن تي عائشه بانو ۽ روبينه ناز اميدوار هوندا. پنجاب مان حامد خان ۽ زلفي بخاري، جنرل سيٽ تي اميدوار هوندا. اهڙي طرح پنجاب ۾ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي ياسمين راشد اميدوار هوندي. پنجاب مان عورتن جي سيٽ تي صنم جاويد اميدوار هوندي.