آءِ ايم ايف سالياني ترقياتي پروگرام تحت هلندڙ رٿائن جي شفافيت تي اعتراض واري ڇڏيو

واشنگٽن: آءِ ايم ايف پاڪستان جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت هلندڙ رٿائن جي شفافيت تي اعتراض اُٿاري ڇڏيو.
آءِ ايف ايف ذريعن موجب، پي اس ڊي پي تحت ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي مڪمل ڄاڻ دستياب نه آهي، پي ايس ڊي پي تحت ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن جو دستاويزي عمل اثرائتو بڻائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
آءِ ايف جو چوڻ آهي ته بجيٽ دستاويز ۾ ترقياتي منصوبن جي لوڪيشن ۽ ڊيولپمينٽ فارميٽ به شامل ڪيو وڃي، بجيٽ کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبن کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو وڃي.
آءِ ايم ايف اختيارين موجب، مالياتي ڏکيائين سبب ترقياتي رٿائن جي مقصدن کان به عالمي مالياتي فنڊ کي آگاهه ڪيو وڃي.
ان سلسلي ۾ ناڻي ۽ رٿابندي واري وزارت جا عملدار آءِ ايف جي شرط تي عملدرآمد لاءِ پيپر ورڪ ڪندا، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف ترقياتي بجيٽ لاءِ تجويزون ڏنيون آهن.