وزيرستان: پي ٽي آءِ پارليامينٽرين اميدوار جي گاڏي تي بم حملو، 5 ڄڻا زخمي

پشاور:ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽريز اميدوار جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس  موجب اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اليڪشن 2024ع ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي اميدوار نصيرالله وزير جي گاڏي تي بم سان حملو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ نصيرالله وزير محفوظ رهيو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

زخمين کي پوليس فوري طور تي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ڌماڪي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته نصيرالله وزير پي ٽي آءِ پارليامينٽرين طرفان لوئر دير وزيرستان، وانا پي ڪي 110 مان چونڊ اميدوار آهي.

Waziristan: Bomb attack on PTI parliamentary candidate's vehicle