ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح کان هڪ دفعو ٻيهر تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ اڄ به وقفي وقفي سان تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري رکي آهي ۽ ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، ناگن چورنگي، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي آهي

موسمياتي تجزيه ڪار موجب ڪلفٽن ۾ هن وقت تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جيڪو وڌيڪ اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي سگهي ٿو. برسات پوڻ جي رفتار 82 ملي ميٽر في ڪلاڪ آهي.