عليمه خان کي 6 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري

ايف آءِ اي تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي 6 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ عليمه خان تي نفرت ڀريو مواد پکيڙڻ ۽ عوام ۽ فوج ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي سازش جا الزام، ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عليمه خان پيش نه ٿي ته اهو سمجهيو ويندو ته هن وٽ دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، اهڙي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، عليمه خان کي اڄ ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم ونگ پاران به طلب ڪيو ويو آهي