سنڌ ۾ چونڊن کان اڳ ئي فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ حساس پولنگ اسٽيشنز وارن علائقن ۾ چونڊن کان اڳ ئي فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 سنڌ جي سڌسماءَ واري نگران وزير احمد شاهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس آهن، 5 کان 10 فيبروري تائين فوج حساس علائقن ۾ موجود رهندي

احمد شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشنز تي اڳيان پوليس ۽ انهن جي پٺيان رينجرز مقرر هوندي، پولنگ اسٽيشنز تي 6 هزار کان وڌيڪ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن

 صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ اسڪولن جي مرمت لاءِ نگران حڪومت 3.3 ارب روپيا ڏنا آهن، امن امان جي صورتحال کي بهتر رکڻ لاءِ هر قدم کنيو ويندو