انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي:انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 17 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 67 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 101 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 923 ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 64 هزار 822 پوائنٽس تي بند ٿيو.

In the interbank