تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ بابت داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ليول پليئنگ فيلڊ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو وڪيل لطيف کوسه عدالت ۾ چيو  ته پاڪستان جي جمهوريت ۽ بقا خاطر عوام ۾ وڃڻ پسند ڪنداسين. اسان 25 ڪروڙ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا. چيف جسٽس سان ڳالهائيندي لطيف کوسه چيو ته اوهان جي وڏي مهرباني، تمام گهڻا ٿورائتا آهيون

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟ جنهن تي لطيف کوسه جواب ڏنو ته مون کي هدايتون مليون آهن ته درخواست واپس ورتي وڃي. اسان اوهان جي عدالت ۾ صاف ۽ شفاف           چونڊون ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جي لاءِ آيا هئاسين اوهان جي فيصلي سان اسان  جون 230 سيٽون ڦرجي ويون. عجيب وغريب نشان ڏنا ويا.

لطيف کوسه چيو ته اوهان 13 جنوري جي رات 11:30 تي اهڙو فيصلو ٻڌايو جنهن سان تحريڪ انصاف ٽٽي وئي. هاڻ اسان ڪهڙي اميد رکون ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملندي. اسان جنهن پارٽي سان اتحاد ڪيو ان  جي سربراهه کي کنيو ويو ۽ پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي. اتحاد ڪرڻ تي به هاڻ اسان جي مٿان ڪيس ٺاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. وڪيل چيو ته اوهان جي فيصلي کان پوءِ تحريڪ انصاف جا ماڻهو آزاد چونڊون وڙهندا. عدالت جي فيصلي سان جمهوريت تباهه ٿي ويندي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان جو فيصلو مڃڻو آهي ته مڃو ناهي مڃڻو ته اوهان جي مرضي. اوهان کي اسان ڪيترا دفعا چيو ته اسان کي انٽرا پارٽي چونڊون ڏيکاريو،  اوهان کي جيڪڏهن فيصلو پسند نٿو اچي ته ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ليول پليئنگ فيلڊ تي اسان حڪم جاري ڪيو هو. عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي، حڪومت نٿي بڻجي سگهجي. بيرسٽر گوهر جي معاملي تي پوليس اهلڪار معطل ٿي ويا.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم چونڊون قانون موجب ڪرائڻ آهي. چونڊن جو معاملو اسان اٿاريو. پي ٽي آءِ جي درخواست تي 12 ڏينهن ۾ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن  چوندو رهيو ته انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايو، پر ان باوجود نه ڪرايون ويون. ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي تي اعتراض آهي ته درخواست کڻي اچو. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.