پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

وفاقي حڪومت طرفان جنوري جي باقي 15 ڏينهن لاءِ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان، اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو، اوگرا  ان سلسلي ۾ لاڳت تيار ڪري ورتي

ذريعن جو چوڻ آهي ته  پئٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي، گاسليٽ جي اگهن ۾ 3 رپيا 29 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 75 پئسا في لٽر جو امڪان آهي

ذريعن موجب ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان نه آهي، تيل جي قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ پئٽرول جي قيمت 276  رپيا 21 پئسن مان گهٽجي 267 رپيا 34 پئسا في لٽر ٿي ويندي

 گاسليٽ جي قيمت 188 رپيا 83 پئسا گهٽجي 185 رپيا 54 پئسا في لٽر ٿي ويندي، لائٽ ڊيزل 165 رپيا 75 پئسن مان گهٽجي 164 رپيا في لٽر ٿي ويندي