پرڏيهه کان ايندڙ وڌيڪ 3 شهرين ۾ ڪورونا جو نئون قسم هجڻ جي تصديق

ڪراچي: پرڏيهه کان ڪراچي پهچندڙ 3 وڌيڪ مسافرن ۾ ڪورونا جي نئين قسم جي اين ون جي تصديق ٿي وئي آهي.

قمبر شهدادڪوٽ جو 21 ورهين جو مسافر ۽ مهمند ايجنسي جو 22 ورهين جو مسافر جده کان جڏهن ته 22 ورهين جو اتر وزيرستان جو رهواسي ابوظهبي کان ڪراچي پهتو هو.

متاثر ٿيل مسافرن جو ڪورونا ٽيسٽ امڪاني نشانين کي ڏسندي ڪيو ويو هو. ياد رهي ته 8 جنوري تي پرڏيهه کان ڪراچي ايندڙ وڌيڪ 2 شهرين ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي.