لاهور هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي ۽ صنم جاويد جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي ۽ صنم جاويد جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 3 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي تي اليڪشن ڪميشن کان سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته شاهه محمود قريشي جا تڪ اين اي 150، اين اي 151 ۽ پي پي 218 ۾ نامزدگي ڪاغذ رد  ڪيا ويا آهن. ٽربيونل ۽ ريٽرننگ آفيسر قانون جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جي درخواست تي به عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان جواب طلب ڪري ورتو. صنم جاويد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هڪ قومي ۽ 2 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا. ريٽرننگ آفيسر ۽ ٽربيونل حقيقتن جو جائزو نه ورتو. عدالت ٽربيونل ۽ ريٽرننگ آفيسرن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي