70 ڪروڙ ڊالر جي قسط: آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو.

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس اڄ شام واشنگٽن ۾ ٿيندو. جنهن ۾ پاڪستان کي تقريبن 71 ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو

آءِ ايم ايف جو جائزه مشن پاڪستان کي اها قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪو آهي ۽ بورڊ طرفان اها قسط جاري ڪرڻ جي منظوري جي صورت ۾ اها رقم پاڪستان کي سڀاڻي ملڻ جو امڪان آهي. پاڪستان کي اها قسط اسٽينڊ باءِ معاهدي جي تحت جاري ڪئي ويندي.

ياد رهي ته پاڪستان آءِ ايم ايم طرفان پيش ڪيل سمورن نڪتن تي عمل ڪري چڪو آهي. پاڪستاني اختياريون پراميد آهن ته آءِ ايم ايف بورڊ جائزه مشن جي سفارشن جي روشني ۾ قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو.