ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

300 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 16 هزار 100 رپيا ٿي وئي هئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ٿي هئي.

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر گهٽجڻ سان 2027 ڊالر في اونس آهي.