ڪنڌڪوٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس  مان 4 ملازمن جا لاش هٿ

ڪنڌڪوٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس  مان 4 ملازمن جا لاش هٿ آيا، ڊاڪٽرز موجب گئس خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا

 ضلعي ڪامپليڪس ۾ واقع  اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ رات دير تائين ڪم ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن آفيسر سميت 4 ملازم ٿڌ کان بچاءَ لاءِ  گئس وارو هيٽر هلائي سمهي پيا

 صبح جو  چارئي ڄڻا مئل حالت ۾ هٿ آيا، فوتين ۾ اليڪشن ڪميشن آفيسر مشتاق مگسي، لاڙڪاڻو واسي سب اسسٽنٽ عبدالرئوف مگسي، ڊيٽا انٽري آپريٽر فريد ايري ۽ واجد خالتي شامل آهن

جڏهن ته لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، ضلعي اليڪشن ڪمشنر موجب چارئي ملازم رات 3 وڳي تائين ڪم ڪري رهيا هئا، ساڻن رابطو ٿيو، هنن ٻڌايو ته اسان ڪم مڪمل ڪيو آهي، هاڻي سمهي رهيا آهيون