عمران خان سميت ڪيترن ئي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون

لاهور: اين اي 122 تان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.

داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا. ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري.

هوڏانهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي سميت ڪيترن ئي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون آهن.

نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي. ٻنپهرن جو 4 وڳي تائين اميدوار اپيل داخل ڪري سگهندا.

اليڪشن ٽربيونلز جا ججز 10 جنوري تائين  داخل اپيلن تي فيصلو ڪندا. اليڪشن ٽربيونل جا ججز اپيلن جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن اڄ کان اپيلن جا فيصلا به اچڻ شروع ٿي ويا آهن

including Imran KhanMany candidates