گاڏيءَ ۾ موجود هن بٽڻ جو مقصد ۽ فائدو ڄاڻوٿا؟

هر گاڏي جي ڊيش بورڊ ۾ مختلف علامتون موجود هونديون آهن جيڪي تصويري ٻوليءَ ۾ پنهنجو مطلب بيان ڪنديون آهن.
انهن مان اي سي (ايئر ڪنڊيشنر) بٽن کي ته سڀ سولائيءَ سان سڃاڻي وٺندا آهن پر ايئرسرڪوليشن بٽڻ بابت ائين نٿو چئي سگھجي.
ان بٽڻ ۾ هڪ ننڍي گاڏي ٺهيل هوندي آهي جنهن جي چوڌاري هڪ تير ڦرندو آهي.
پر جڏهن اوهان ڪنهن گرم ڏينهن ۾ گاڏي ۾ اي سي هلائيندا آهيو ته پوءِ اهو بٽڻ اوهان لاءِ گھڻي ڪم جو ثابت ٿي سگھي ٿو.
ايئر سرڪوليشن بٽڻ ڇا ڪندو آهي؟
جيئن مٿي نالو ظاهر آهي، اهو بٽڻ هوا جي گردش ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
حقيقت ۾ اهو بٽڻ ٻاهرين هوا بدران گاڏي جي اندر جي هوا کي ٻيهر گردشن ۾ آڻي استعمال جوڳو بڻائيندو آهي.
اهو ان وقت وڌيڪ ڪم جو ثابت ٿيندو آهي جڏهن اي سي هلائيندا آهيو.
ايئر سرڪوليشن فيچر جي استعمال سان اي سي سسٽم لاءِ لاڳيتو ٻاهران جي گرم هوا کي ٿڌو ڪري اندر اڇلائڻ جي ڀيٽ ۾ اڳ کان ٿڏي هوا کي گاڏي ۾ گردش ڏيڻ وڌيڪ سولو ٿي ويندو آهي.
ان سان نه رڳو گاڏي کي جلد ٿڌو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي پر اي سي توانائي به گھٽ خرچ ڪندي آهي يا ائين چئجي ته پيٽرول گھٽ سڙندو آهي.
اڪثر گرمي پد سان گڏوگڏ ٻاهرين هوا ۾ گدلاڻ، دونهون ياپولن ذرڙا موجود هوندا آهن يا ڪنهن بوءِ واري هنڌ تان گذرڻ تي اُها بوءِ اي سي جي ذريعي گاڏيءَ ۾ پکڙجي سگھي ٿي، پر ايئر سرڪوليشن بٽڻ انهن مسئلن کان تحفظ فراهم ڪندو آهي.
سولن لفظن ۾ اهو بٽڻ اوهان جي گاڏيءَ کي ٿڌو رکڻ، ان کي صاف رکڻ ۽ ٻارڻ بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
ماهرن موجب ان بٽڻ جو استعمال گھڻي وقت لاءِ نه ڪرڻ گھرجي يا جيڪڏهن گاڏي ۾ هيٽر استعمال ڪري رهيا آهيو ته تڏهن به ان جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گھرجي.