عوام کي نئين سال جو پهريون تحفو، ايل پي جي مهانگي

ڪراچي:اوگرا نئين سال جي پهرين ڏينهن ئي ايل پي جي جا وڌائي ڇڏيا. جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، هڪ رپيو 56 پئسا واڌ کانپوءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 256 رُپيا 42 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 18 رُپيا 52 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 25 رُپيا 87 پئسن جو ٿي ويو آهي.

ڊسمبر ۾ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ٽي هزار ست رُپيا 52 پئسا مقرر هئي.