سيڪورٽِي فورسز جو اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

اتروزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا . پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه موجب مير علي ۾ دهشتگردن جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا .

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪورٽي فورسز تي حملن جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا . مارجي ويل دهشتگرد شهرين کان ڀتو وٺڻ ۽ معضوم ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا .

آپريشن دوران هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو .علاقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي انهن جي ڪليئرنس تائين ڪاروائي جاري آهي ، پاڪ سيڪورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي .

Security forces in operation in North Waziristan