وزيراعظم ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي وائرس پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي جنهن ۾ سمورن صوبن جا وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽري شرڪت ڪندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف آرڊيننس جي به آگاهي ڏني ويندي. جڏهن ته وزيراعظم مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ بابت هدايتون ڏيندو.