ملڪ بدران پئسي کي ترجيح ڏيڻ تي 3 افغان ڪرڪيٽرن کي سزا

ڪابل: ملڪ بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ افغان ڪرڪيٽرن کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ افغان ڪرڪيٽ بورڊ ٽن رانديگرن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مجيب الرحمان، فضل فاروقي ۽ نوين الحق تي ٻن سالين تائين ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٽئي رانديگر ليگز جي ڪري سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون نه ڪرڻ جو سبب رانديگرن طرفان ڪمرشل ليگز ۾ شموليت هئي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏئي رهيا هئا.
مجيب الرحمان، فضل فاروقي ۽ نوين الحق کي ٻن سالن تائين ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ سان گڏوگڏ کين هڪ سال لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان به محروم ڪيو ويو آهي.