اڳوڻو گهرو وزير فيصل صالح حيات(ن) ليگ ۾ شامل

اسلام آباد: اڳوڻي گهرو وزير مخدوم فيصل صالح حيات نئين منزل طئي ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿي ويو آهي.

فيصل صالح حيات جي(ن) ليگ ۾ شموليت جو باضابطه اعلان اڄ ٿيندو. مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف اڄ شاهه جيونه روانو ٿيندو جتي مخدوم فيصل صالح حيات طرفان سندس اعزاز ۾ آجياڻي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي.

مخدوم فيصل صالح حيات نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته علائقي جي  معزز شخصيتن ۽ ووٽرن مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿيڻ جي راءِ ڏني جنهن کان پوءِ مون(ن) ليگ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

فيصل صالح حيات اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ پيپلز پارٽي کي ڇڏي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن ٻيهر 2017 ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي هئي. 2018 ۾ هن جهنگ کان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي  چونڊون وڙهيون هيون پر کيس مخالف اميدوار کان صرف 600 ووٽن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

فيصل صالح حيات وفاقي گهرو وزير جي عهدي تي به فائز رهيو ۽ ڊگهي وقت تائين پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو صدر به رهيو