لاهور: اين اي 127 تي بلاول ڀٽو جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل

لاهور:لاهور جي تڪ اين اي 127 تان پيپلز پارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيو ويو آهي.

شهري محمد اياز جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلاول پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز سان وابستگي ظاهر ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽريز ڌار ڌار سياسي پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي جو چونڊ نشان تلوار ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جو چونڊ نشان تير آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ آصف زرداري پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جو صدر آهي. چونڊ ايڪٽ 2017 موجب هڪ شخص هڪ ئي وقت ۾ هڪ سياسي پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اها چونڊ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. بلاول ڀٽو جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 28 ڊسمبر تي ٿيندي